Posts

”ٻارن جي ابتدائي تعليمي عمل ۾ استادن جو ڪردار“ ليکڪ: عاقب نقوي ابتدائي تعليم واري عمل دوران سڀ کان سگھارو محرڪ جيڪو ھُجي ٿو ٻارن لاءِ اھو استاد ھوندو آھي. جيڪڏھن استاد پنھنجي تعليمي طريقي ڪار واري انداز ۾ سگھاري مھارت رکي ٿو تہ ٻار تعليمي عمل ۾ بيھڻ بجائي اڳتي وڌندو ويندو. ان لاءِ ڪجھ اھم ڳالھيون آھن جيڪي اڄ جي استادن کي نظر ۾ رکڻ لازمي ھجن ٿيون. ھونئن تہ ھئُ موضوع تمام وسيع آھي پر پاڻ ڪجھ اھم نقطن تي ئي ڳالھ ٻولھ ڪنداسين جيئن شين کي specific مان Generalize ڪري رکون. سڀ کان پھرين تہ اسان کي ڌيان ڏيڻو پوندو تہ ٻارن کي پڙھائيندڙ استاد پنھنجي پڙھائڻ واري عمل سان ڪيترو سچو آھي ڇا اِھو عمل ھُن جي دلچسپي وٽان آھي بہ يا نہ؟ ڇو جو معاشي مسئلن ڪارڻ اڪثر مختلف شعبن مان ڊگريون وٺندڙ پڙھائڻ واري عمل کي پنھنجي Time pass job سمجھي ڪندا آھن. جِن جي پڙھائڻ سان ڪا بہ دلچسپي ناھي ھوندي اھي بس پنھنجي گذر سفر لاءِ اِھو ڪم چونڊيندا آھن، جيڪڏھن ائين آھي تہ پوءِ انھئَ استاد تي ھئُ ڳالھيون ڪجھ گھٽ اثر ڪنديون جو ھُن کي خانا پوري ڪرڻي ھوندي آھي. پر ڪجھ ھھڙا بہ نوجوان مرد توڙي عورتو ھونديون آھن جيڪي پڙھائڻ واري عمل کي پنھنجي پسنديدہ شعبي طور ڏسندا يا ڏسنديون آھن انھن لاءِ تعليمي عمل جو طريقي ڪار سمجھڻ آسان ٿي وڃي ٿو.! ويھين صدئَ ۾ تعليم جي موضوع تي سائنسي انداز سان تمام گھڻو ڪم ٿيو آھي جنھن ۾ مختلف تعليمدانن Educationist تعليم جي معاملي ۾ سنجيدہ ٿي ڪري گھڻ رخي انداز سان نيون شيون اسان آڏو رکيو آھن. انھن جي بنياد تي چئي سگھجي ٿو تہ پڙھائڻ واري استاد کي سڀ کان پھرين انھن سڀني لاڙن، نظرين ۽ طريقي ڪارن جي ڄاڻ ھُجڻ لازمي ھجي ٿو جنھن کي عملي جامو پارائڻ سان ٻارن جي ذھني اوسرکي سمجھي انھن لاءِ بھتر تعليمي ماحول جوڙي سگھجي. استاد ٿيڻ جي اميدوارن لاءِ اِھو ضروري آھي تہ، اھي ٻارن جي نشونما جو تفصيلي اڀيان ڪن؛ ڪلاس ۾ ڪم ايندڙ سڄي سامان جي تعليمي اھميت کي سمجھن، شاگردن کي ورڪ ٽاسڪ ڏيڻ لاءِ سٺي ۽ مناسب وقت جي چونڊ ڪن ۽ ٻارن سان سلھاڙجڻ (Interaction) ذريعي تَجربو حاصل ڪن. ان لاءِ ھيٺ ڏِنل ڪجھ معاملن تي استاد جي دسترس نہ بہ ھجي پر سَرسري نظر لازمي ھُجڻ گھرجي. 1. ٻارن جي نفسيات Child Psychology . Child psychology is the study of subconscious and conscious childhood development. ھر ماڻھو چاھيندو آھي تہ ھُن جو ٻار ھوشيار ھجي ۽ پڙھائي واري عمل ۾ بَڙ ھجي پر ھُنن کي اِن ڳالھ جو اندازو يا ڄاڻ ئي ناھي ھوندي تہ ٻارن جي نفسيات سمجھڻ بغير اسين انھن جي ذھني نشونما ڪو نہ ٿا ڪري سگھون. ائين ئي استاد کي بہ ٻارن جي نفسيات جو اڀياس ڪرڻ انتھائي لازمي ھجي ٿو، ڇو جو ھڪ ڪلاس ۾ ويٺل انيڪ ٻارن جي ذھني اوسر انھن جي الڳ الڳ ماحول ۾ ٿيل ھوندي آھي جنھن سبب ڪي ٻار شيون جلدي سمجھي ويندا آھن تہ ڪِن ٻارن جي شيون percieve ڪرڻ جي ليول گھٽ ھوندي آھي. اِن مان قطعن اِھا مراد نہ ھئڻ گھرجي تہ ڪو ٻار موڳو آھي يا چَنڊو آھي بلڪہ انھئَ معاملي جو استاد کي ڳوڙھو اڀياس ئي اِن مسئلي جي حل طرف کي وٺي وڃي سگھي ٿو. 2. ٻارن جي طبعي نشونما جي تعليم Child physical Development. ھِن موضوع جو اڀياس بہ مٿين ڳالھ سان جڙيل ئي آھي ھِن ۾ استاد کي ٻارن جي جسماني نشونما بابت معلومات اخذ ڪرڻ لازمي ھوندو آھي تہ ڪيترن سالن جو ٻار جسماني ڪم ڪار جي قابل ھجي ٿو تہ جيئن اِھا سُڌ پئجي سگھي تہ ڪلاس ۾ ٿيندڙ مشغولي ڪم Activity work ۾ ڪيتري حد تائين حصو وٺي سگھي ٿو. 3. شروعاتي ٻارن جا پروگرام Early childhood programmes جيئن تہ مٿي اسين اِن ڳالھ تي بحث ڪري آياسين تہ ويھين صدئَ ۾ تعليم جي معاملي تي تمام گھڻو ڪم ٿي چڪو آھي جنھن ۾ مختتلف تعليمدانن تحقيق جي بنياد تي مختلف تعليمي پروگرام يا نظريہ ڏِنا آھن. انھن نظرين ۽ پروگرامن جي ڄاڻ رکڻ استاد لاءِ انتھائي ضروري آھي جيئن ھُو ڪنھن ھڪ پروگرام تحت نہ بلڪہ مختلف تعيلي پروگرام ڪلاس ۾ عمل ڪرائيندو رھي، جنھن سان ڪلاس ۾ موجود ٻار پنھنجي پنھنجي ليول ۽ انداز سان سمجھي سگھن. ھِن جو تعلق بہ مٿين ٻن ڳالھين سان ئي آھي، جنھن جي معلومات اسان کي اِھو ٻڌائيندي تہ اسان جي شاگرد جي سمجھڻ جي ليول ڪيتري آھي ھُو شين کي ڪھڙن طريقي ڪارن سان سمجھي سگھي ٿو ۽ پوءِ انھن ٻارن کي ان انداز سان ئي سمجھائڻ استاد لاءِ لازمي ھوندو آھي. 4. ڪلاس ۾ ھر شئَ جو بندوبست Classroom Management ھئُ معاملو ڪنھن حد تائين اسڪول جي انتظاميہ جي سُپرد اچي ٿو تہ اھي اسڪول جي بجيٽ مان ڪجھ حصو ڪلاس کي سنوارڻ لاءِ خرچ ڪن. پر صرف ڪلاس جي ڊيڪوريشن ڪافي نہ آھي بلڪہ انھئَ سان گڏ ٻارن جي نفسياتي ۽ تعليمي اعتبار کان چارٽس يا ٻارن لاءِ کيڏڻ جو سامان مھيا ڪيو وڃي. جنھن سان ٻار پنھنجي تعليمي عمل کي بہ جاري رکي سگھي ۽ انھئَ راند روند جي دوران سُکيا جو عمل بہ ٿيندو رھي. ان ۾ استاد جو اھم ڪردار اِھو ھجي ٿو تہ استاد ٻارن کي ھھڙي ترتيب سان ڪرسيون رکي ڏي جيئن ويٺل سڀني ٻارن جو ڌيان استاد ڏانھن وڃي ۽ پڙھائي جي عمل دوران ٻار صحيح انداز سان بورڊ ڏسي يا ٿيندڙ Activity work کي سمجھڻ ۾ مدد مليس ۽ پڻ استاد جي ڳالھ ٻولھ ٻڌي سگھن. استاد جي توجہ سان ٺھيل ماحول ئي ھجي ٿو جنھن جي سبب ٻار ۾ پڙھڻ جو رجحان وڌي وڃي ٿو، ۽ پڻ ٻار پنھنجي دلچسپي سان ڪلاس جي ڪمن Activities ۾ حصو وٺندو رھي ٿو. جيڪڏھن ٻار جي نشونما جي حساب سان ھُن کي گھربل سھولتون ملنديون تہ ٻار تعليمي عمل ۾ وڌيڪ وقت ۽ ڌيان ڏئي سگھندو ٻي صورت ۾ ٻار جلدي ٿڪجي ۽ مايوس ٿي پوندو جنھن جو نتيجو اِھو نڪرندو تہ اھو نہ تعليمي عمل ۾ حصو وٺي سگھندو نہ وري ڪلاس جي ڪنھن ڪم Classroom Activity ۾. پڙھائيندڙ استاد لاءِ اِھا ڳالھ لازمي ھوندي آھي تہ ھو ايندڙ ڪلاس ۾ پڙھائيندڙ موضوع تي ڪيترو تيار آھي ۽ ان کي گھڻ پاسائي انداز سان سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري سگھڻ جو ڪيترو اھل آھي. جنھن سان ٻارن کي ڪلاس وٺڻ جو شوق پيدا ٿيندو ۽ ٻار نيون شيون سکڻ لاءِ انتظاري ھوندا ان سان گڏ ڪنھن بہ موضوع تي پڙھائڻ وقت ان ڳالھ ڏي خاص توجہ ڏيڻ گھرجي تہ موضوع کي ٻارن جي روزمرہ جي زندگي ۾ نظر ايندڙ شين ۽ واقعن جي مثالن سان سمجھائي ان سان اِھو فائدو ٿيندو جو ٻار حقيقت پسند ٿيندو. جيئن ”جين پياجي“ جيڪو تعليم دان ھيو اِن ڳالھ جي اھميت کي ھيئن بيان ڪيو آھي؛ ٻار بھترين انداز ۾ تڏھن ھلي سگھندا، جڏھن اھي پنھنجي آسپاس موجود دنيا ھي شين ۽ ماڻھن سان سنئين سڌي تعلق ۾ اچي ڄاڻ پيدا ڪندا. جڏھن ٻار کي بھتر تعليم سان گڏ بھتر ماحول ملندو ۽ ھُن جي نشونما تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو ويندو تڏھن ئي ٻارن جي ذھني يا شين کي سمجھڻ (Cognitive level) وڌندي ويندي ائين اسان چئي سگھون ٿا تہ اسان جو ھر ٻار پنھنجي ذھني اعتبار کان اڳتي وڌندو ويندو پر جي اسين صرف چند ھوشيار ٻارن جي چونڊ ڪري (جيڪي بہ صرف ڪجھ معاملن ۾ ھوشيار ھوندا آھن ۽ ھر ٻار جي سمجھ جو دارومدار بہ پنھنجو ھوندو آھي) انھن تي ڌيان ڏينداسين تہ اِھا انھن ٻارن سان ناانصافي ٿيندي جِن سان معاشي يا گھرو مسئلو رھيو آھي. جنھن سبب ھُنن جو ذھن گھڻن محرومن جي ڪري پڙھائي واري عمل ۾ ان انداز سان ڪم ڪو نہ ٿو ڪري سگھي جيئن ھڪ معاشي تندرست فيملي جو ٻار ھوندو آھي. پر اتي ڪافي ڪيسز ھھڙا بہ اسان جي سامھون ايندا آھن جِن ۾ ھيٺين طبقي جو ٻار وڌي چڙھي پڙھائي واري عمل ۾ حصو وٺندو آھي پر مجموعي طور تي معاشي معاملو تعليم عمل تي تمام گھڻو اثر انداز رھي ٿو. ھئُ معاملو ايترو آسان بہ ناھي جو ھڪ ئي مضمون ۾ سمجھي سگھجي پر ھڪ نئين پڙھائيندڙ استاد لاءِ اِن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو جو ھُن کي اِھو اندازو ٿي ويندو تہ مونکي ڪھڙين شين ۾ مھارت رکڻي آھي جنھن سان ھُو ڪلاس جي ماحول Atmosphere کي ٻارن جي تعليمي عمل لاءِ بھتر کان بھتر بڻائي سگھي. حوالہ ۽ مددي ڪتاب؛ (1) ابتدائي تعليم جي سکيا (مائيڪل ايل ھينيگري سنڌيڪار: محمد احمد منصور عباسي (2) Child psychology psychiatry (David Skuse, Helen bruce, linda Dowdney David mrazek (3) Theory of constraints and thinking processes for create (4) Google scholar

خدا ۽ موت جي باري ۾ مڪالمو زان پال سارتر \ سيمون دي بود سنڌيڪار: عاقب نقوي سيمون دي بود: موت جي طرف تُنھنجو رويو گھڻو فضيلت وارو ۽ پُروقار لڳندو آھي؟ سارتر: مونکي ته موت محرومين جو ھڪ سلسلو لڳندي آھي۔ تُون ڄاڻِين ٿي ھڪ زماني ۾ مان گھڻو شراب پيئندو ھيم، اُھو منھنجي زندگي جي (مُسرت) خوشين مان ھڪ ھو ۽ ھر شام جام جي نظر ٿي ويندي ھُئي. مان ان خوشئَ کان محروم ٿي ويس۔ مونکي ڊاڪٽرن پيئڻ کا منع ڪري ڇڏيو، مان ڊاڪٽرن جي عِلم کي شڪ جي نگاھ سان ڏِٺو، پر انھن جي حڪم جي تڪميل ڪيم. شراب وانگر ٻيون به گھڻيون شَيون مُنھنجي زندگي مان کَسيون وَيون، مان انھن کان محروم ٿي ويم ۽ جنھن پَل مان زندگي جي سڀني شين کان محروم ٿي ويندس اُھو لمحو موت جو ھوندو. منھنجي زندگي اڄ ڪالھ ايتري تَسڪين بخشيندڙ ڪونھي جيتري ڏھ سال پھرين ھئي. ان جي باوجود مان زندگي کان خَفا “بيزار” ناھيان۔ منھنجي ويجھو اھِو فطري عَمل آھي، ان جي مقابلي ۾ مونکي پنھنجي زندگي ھڪ سماجي ۽ ثقافتي عمل نظري ايندي آھي. موت فِطرت جي طرف واپس موٽڻ جو عمل ھوندو، جنھن جو مان پھرين به ھڪ حِصو ھئس. گذريل ڪجھ سالن کي نظر انداز ڪندي جنھن ۾ مان ٿَڪاوٽ محسوس ڪندو رھيم. مُنھنجي زِندگي جو ڪافي حِصو 30 سالن کان 60 سالن جي عُمر تائين، گھڻو فعال رھيو۔ انھن سالن ۾ مان پنھنجي زندگي جو پورو پورو فائدو ورتو ۽ انھن خيالن کي جيڪي مونکي عزيز ھئا انھن جي ڪافي تبليغ ڪئي، انھئَ دور ۾ مون گھڻو ڪجھ لِکيو جيڪو منھنجي زندگي جو بنيادي مقصد ھو ۽ منھنجي ننڍپڻ جي خوابن جي تعبير پڻ۔ مان اھڙا ڪتاب لکڻ چاھيم پئي، جن کي ماڻھو پڙھن ۽ جِن کان ھُو متاثر ٿين مان ان ۾ ڪامياب ويس۔ مان انھن ماڻھن مان ھڪ نه پيو ٿيڻ چاھيان جيڪي مرڻ کان پھرين چوندا آھن۔ ”اسان جي زندگي بيڪار وئي، جيڪڏھن اسان کي زندگي ٻيھر ملي ته اسين ان کي ڪنھن ٻئي طريقي سان گذارينداسين۔“ سيمون دي بود: ڇا روح جي اَبدي زندگي جو خيال، جھڙو ڪہ عيسائي ايمان آڻيندا آھن. تُنھنجي ذھن مان گذريو!؟ سارتر: خيال تہ گُذريو آھي پر ھِڪ فِطري عمل وانگر، مونکي سوچڻ ۾ ڏُکيائي ٿيندي آھي تہ ھڪ ڏينھن “شعور” نہ رھندو. پر ھڪ اھڙي شخص وانگر جيڪو خدا ۽ آسماني شَين کي نہ ٿو مَڃي مان حياتِ بعدالموت جو قائل ناھيان. سوائي ان زندگي جي جيڪا انسان کي معاشري ۾ مرڻ کان پوءِ ملندي آھي- سيمون دي بود: تُنھنجي دُھريت جو آغاز ڪيئن ٿيو؟ سارتر: جَڏھن مُنھنجي عُمر 8 يا 9 سال ھئي ان وقت بہ منھنجو رِشتو خدا سان اھڙو ھو، جيئن ھڪ ھمعصر جو ٻئي ھمعصر سان ھوندو آھي نہ ڪي مالڪ ۽ خادم جو رِشتو- ھُو منھنجي ويِجھو موجود ھُيو ۽ ڪڏھن ڪڏھن اُن جو اظِھار ٿي ويندو ھو، ھُو وقتن فَوقتن مون تي نِگاھ رکندو ھو پر اھِو سڀ ڪجھ منھنجي لاءِ گُمان ھو- مان ان وقت پنھنجي والد سان گڏ ھوندو ھئم، ۽ ھر صُبح جو پاڙي واريِن ڇوڪرين سان گڏجي ٽَرام ۾ ويندو ھئم، ھڪ ڏينھن مان انھن جي گھر جي ٻاھران انِتظار ڪري رھيو ھئس تہ منھنجي ذھن ۾ اھِو خيال آيو ۽ زبردست قِسم جو ڌَچڪو لَڳو مان پنھنجي ذات کي چيو “پر خدا موجود ناھي”- ان وقت منھنجي عمر تقريبن 11 سال ھُئي، اُھو ڏينھن ۽ اڄ جو ڏينھن- تَقريبن 40 سالن جو عرصو گذري چڪو آھي، مان پنھنجي ذات کان خُدا جي باري ۾ ٻيھر سوال ناھي ڪيو- سيمون دي بود: ان فيصلي تُنھنجي زندگي کي ڪيترو متاثر ڪيو؟ سارتر: نَنڍپِڻ ۾ تہ ڪو گَھڻو فَرق محسوس نہ ٿِيو. مان ڪيٿولِڪ چَرچ جي تہ ڪڏھن بہ ويجھو نہ رھيس- مان نہ تہ ان فيصلي کان اڳ گِرجاگھر ويس نہ بعد ۾- ان لاءِ منھنجي روزمرہ جي زندگي ۾ ڪو گھڻو فَرق نہ آيو، مونکي ياد نہ ٿو اچي تہ مان ڪڏھن ان ڳالھ کان حيران يا پريشان ٿيو ھُجان تہ خدا موجود ناھي، منھنجو خيال ھو تہ اھا ھِڪ ڪھاڻي ھئي جيڪا مونکي ٻڌائي وئي ۽ جنھن تي ماڻھن جو ايمان ھو، منھنجي لاءِ اھِا ڪھاڻي ڪُوڙي ھئي ڇو تہ منھنجو خاندان ايمان وارو گھراڻو ھو ان لاءِ منھنجو مُلحدن سان ڪو واسطو نہ ھو- سيمون دي بود: جڏھن تُون جوان ٿَئين ۽ پيرس آئين تہ ڇا تُنھنجي دُھريت تي ڪو فرق آيو يا ان جون بنيادون ڪڏھن مُتزلزل ٿِيون ڇا ان ۾ مَضبوطي پيدا ٿي؟ سارتر: تون اھِو چئي سگھين ٿي تہ ان ۾ مضبوطي پيدا ٿي، ۽ نِزان سان گفتگو کان پوءِ منھنجي دُھريت حقيقت پسندي ۾ تبديل ٿي وئي- شروع ۾ جڏھن مون خدا جي وِجود جو انڪار ڪيو تہ ايئن لڳو تہ جيئن ھڪ روحاني خلاء پيدا ٿي ويو ھُجي، اھِو ھڪ خيالي تَجربو ھو، جنھن جو حقيقي دنيا گھٽين، بازارن، ماڻھن سان ڪو تعلق نہ ھو پر آھستہ آھستہ نِزان سان ڊگِھي گفتگو ۽ پنھنجي سوچ ويچار کان پوءِ منھنجي ذھن ۾ منھنجي زندگي ۽ ماحول جو نئون تصور ۽ نظريو اُڀريو منھنجي ذِھن مان ان خدا جو تصور جنھن سان منھنجي بھشت ۾ ملاقات ٿيندي- ھميشہ لاءِ خَتم ٿي ويو، مونکي ھر شيءَ نظر اچڻ لڳي ۽ انسان تَنھا نَظر اچڻ لڳو تَنھا پر يقيني. سيمون دي بود: تُون ھڪڙي جڳھ تي چيو ھو تہ دھريت کي قبول ڪرڻ لاءِ توکي گھڻي محنت ڪرڻي پئي ھئي ان مان تنھنجو ڇا مطلب ھو؟ سارتر: دُھريت جي ھڪ خيالي ۽ مثالي تصور مان عَملي ۽ مادي تصور جو سَفر گھڻو ڊِگھو ۽ ٿَڪائيندڙ ھو ڪنھن جي نہ ھجڻ سان ھن دنيا جي موجود ھجڻ جو تجربو- ان موجوديت جو نَئون احساس ۽ ايمان جنھن جي لاءِ ڪنھن اِلھامي طاقت جي ضرورت ناھي. ھڪ ڊِگھو تجربو ھو- اھِا الڳ ڳالھ آھي تہ ان مادي ۾ (آفاقيت) عالمگيريت موجود رھندي آھي. سيمون دي بود: ڇا تنھنجو مطلب آھي تہ جيڪڏھن انسان خدا تي ايمان نہ آڻي پوءِ بہ ھو دنيا ۽ زندگي جي باري ۾ ھڪ نظريو رکندو آھي.؟ سارتر: جيڪڏھن ڪو شَخص خُدا تي ايمان نہ ٿو آڻي پوءِ بہ خدا جو تصور ان جي شخصيت جو حِصو رھي سگھي ٿو جنھن سان ھو دنيا کي ڏِسي سگھي ٿو ۽ ان ۾ عالمگيريت تلاش ڪري سگھي ٿو- سيمون دي بود: مثال جي طور تي ڪيئن؟ سارتر: اھِو تجربو ھر شخص لاءِ الڳ آھي. سيمون دي بود: تُنھنجي لاءِ ذاتي طور تي ڪيئن رھيو؟ سارتر: جيتري تائين منھنجو ذاتي تعلق آھي مان پنھنجو پاڻ کي ھڪ مٽي جو ڍير نہ ٿو سمجھان- مونکي ڪنھن سوچو ھوندو ۽ سَڏيو ھوندو ۽ جڏھن مان انھن خطن تي سوچيندو آھيان تہ منھنجو ذھن خدا جي طرف ھليو ويندو آھي. ھي خيال منھنجي ڪافي ٻين خيالن جي نفي ڪري ٿو پر منھنجي ذھن ۾ ڦرندو رھندو آھي ۽ ڪافي دفعا (مبھم) شڪي رھندو آھي- سيمون دي بود: تنھنجي نظر ۾ خدا تي ايمان نہ آڻڻ سان توکي ڪيترو فائدو مِليو؟ سارتر: خدا تي ايمان نہ آڻڻ سان منھنجي آزادي مضبوط ۽ قائم ٿي وئي، مان پنھنجي ذات کي بھتر طور تي سڃاڻي سگھيو آھيان- اھِو منھنجي زندگي لاءِ ڪافي اھم ھو، ان تصور سان منھنجا تعلقات ٻين ماڻھن سان بہ (براہ راست) سِڌي طرح ٿي ويا آھن- انسان جو ٻئي انسان سان رشتو خدا جي بغير آھي، مونکي پنھنجي پاڙي واري سان محبت ڪرڻ لاءِ خدا جي ضرورت ڪونھي. مان پاڻ پنھنجي زندگي نئين انداز سان جانچي آھي، مان پنھنجي زندگي مان شَرمندو ناھيان- مان ڄاڻا ٿو تہ منھنجي زندگي جو گھڻو حصو ناھي رھيو، پر مان ڄاڻان ٿو تہ مان خدا جو قرضي ناھيان، مان جڏھن پنھنجي ماضي جي زندگي تي نظر ڊوڙائيندو آھيان تہ مونکي سُڪون ۽ اطمنانيت جو احساس ٿيندو آھي. جڏھن انسان اھڙن ماڻھن سان زندگي گذاري ۽ ويجھو رھي جيڪي خدا تي ايمان رکن ٿا تہ خدا جو احساس بلڪل ئي ختم ٿي ويندو آھي- مثال جي طور تي تون ۽ مان ھڪ ٻئي کي گھڻي عرصي کان سڃاڻون ٿا- پاڻ ٻنھي ان موضوع تي گھڻي گفتگو ناھي ڪئي- سيمون دي بود: نہ ڪڏھن بہ نہ. سارتر: ان جي باوجود اسين زندہ رھياسين، ھڪ ٻئي کي ۽ پنھنجي ماحول کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جيترو ممڪن ٿي سگھيو ان کان غير واجب رھياسين.