خدا ۽ موت جي باري ۾ مڪالمو زان پال سارتر \ سيمون دي بود سنڌيڪار: عاقب نقوي سيمون دي بود: موت جي طرف تُنھنجو رويو گھڻو فضيلت وارو ۽ پُروقار لڳندو آھي؟ سارتر: مونکي ته موت محرومين جو ھڪ سلسلو لڳندي آھي۔ تُون ڄاڻِين ٿي ھڪ زماني ۾ مان گھڻو شراب پيئندو ھيم، اُھو منھنجي زندگي جي (مُسرت) خوشين مان ھڪ ھو ۽ ھر شام جام جي نظر ٿي ويندي ھُئي. مان ان خوشئَ کان محروم ٿي ويس۔ مونکي ڊاڪٽرن پيئڻ کا منع ڪري ڇڏيو، مان ڊاڪٽرن جي عِلم کي شڪ جي نگاھ سان ڏِٺو، پر انھن جي حڪم جي تڪميل ڪيم. شراب وانگر ٻيون به گھڻيون شَيون مُنھنجي زندگي مان کَسيون وَيون، مان انھن کان محروم ٿي ويم ۽ جنھن پَل مان زندگي جي سڀني شين کان محروم ٿي ويندس اُھو لمحو موت جو ھوندو. منھنجي زندگي اڄ ڪالھ ايتري تَسڪين بخشيندڙ ڪونھي جيتري ڏھ سال پھرين ھئي. ان جي باوجود مان زندگي کان خَفا “بيزار” ناھيان۔ منھنجي ويجھو اھِو فطري عَمل آھي، ان جي مقابلي ۾ مونکي پنھنجي زندگي ھڪ سماجي ۽ ثقافتي عمل نظري ايندي آھي. موت فِطرت جي طرف واپس موٽڻ جو عمل ھوندو، جنھن جو مان پھرين به ھڪ حِصو ھئس. گذريل ڪجھ سالن کي نظر انداز ڪندي جنھن ۾ مان ٿَڪاوٽ محسوس ڪندو رھيم. مُنھنجي زِندگي جو ڪافي حِصو 30 سالن کان 60 سالن جي عُمر تائين، گھڻو فعال رھيو۔ انھن سالن ۾ مان پنھنجي زندگي جو پورو پورو فائدو ورتو ۽ انھن خيالن کي جيڪي مونکي عزيز ھئا انھن جي ڪافي تبليغ ڪئي، انھئَ دور ۾ مون گھڻو ڪجھ لِکيو جيڪو منھنجي زندگي جو بنيادي مقصد ھو ۽ منھنجي ننڍپڻ جي خوابن جي تعبير پڻ۔ مان اھڙا ڪتاب لکڻ چاھيم پئي، جن کي ماڻھو پڙھن ۽ جِن کان ھُو متاثر ٿين مان ان ۾ ڪامياب ويس۔ مان انھن ماڻھن مان ھڪ نه پيو ٿيڻ چاھيان جيڪي مرڻ کان پھرين چوندا آھن۔ ”اسان جي زندگي بيڪار وئي، جيڪڏھن اسان کي زندگي ٻيھر ملي ته اسين ان کي ڪنھن ٻئي طريقي سان گذارينداسين۔“ سيمون دي بود: ڇا روح جي اَبدي زندگي جو خيال، جھڙو ڪہ عيسائي ايمان آڻيندا آھن. تُنھنجي ذھن مان گذريو!؟ سارتر: خيال تہ گُذريو آھي پر ھِڪ فِطري عمل وانگر، مونکي سوچڻ ۾ ڏُکيائي ٿيندي آھي تہ ھڪ ڏينھن “شعور” نہ رھندو. پر ھڪ اھڙي شخص وانگر جيڪو خدا ۽ آسماني شَين کي نہ ٿو مَڃي مان حياتِ بعدالموت جو قائل ناھيان. سوائي ان زندگي جي جيڪا انسان کي معاشري ۾ مرڻ کان پوءِ ملندي آھي- سيمون دي بود: تُنھنجي دُھريت جو آغاز ڪيئن ٿيو؟ سارتر: جَڏھن مُنھنجي عُمر 8 يا 9 سال ھئي ان وقت بہ منھنجو رِشتو خدا سان اھڙو ھو، جيئن ھڪ ھمعصر جو ٻئي ھمعصر سان ھوندو آھي نہ ڪي مالڪ ۽ خادم جو رِشتو- ھُو منھنجي ويِجھو موجود ھُيو ۽ ڪڏھن ڪڏھن اُن جو اظِھار ٿي ويندو ھو، ھُو وقتن فَوقتن مون تي نِگاھ رکندو ھو پر اھِو سڀ ڪجھ منھنجي لاءِ گُمان ھو- مان ان وقت پنھنجي والد سان گڏ ھوندو ھئم، ۽ ھر صُبح جو پاڙي واريِن ڇوڪرين سان گڏجي ٽَرام ۾ ويندو ھئم، ھڪ ڏينھن مان انھن جي گھر جي ٻاھران انِتظار ڪري رھيو ھئس تہ منھنجي ذھن ۾ اھِو خيال آيو ۽ زبردست قِسم جو ڌَچڪو لَڳو مان پنھنجي ذات کي چيو “پر خدا موجود ناھي”- ان وقت منھنجي عمر تقريبن 11 سال ھُئي، اُھو ڏينھن ۽ اڄ جو ڏينھن- تَقريبن 40 سالن جو عرصو گذري چڪو آھي، مان پنھنجي ذات کان خُدا جي باري ۾ ٻيھر سوال ناھي ڪيو- سيمون دي بود: ان فيصلي تُنھنجي زندگي کي ڪيترو متاثر ڪيو؟ سارتر: نَنڍپِڻ ۾ تہ ڪو گَھڻو فَرق محسوس نہ ٿِيو. مان ڪيٿولِڪ چَرچ جي تہ ڪڏھن بہ ويجھو نہ رھيس- مان نہ تہ ان فيصلي کان اڳ گِرجاگھر ويس نہ بعد ۾- ان لاءِ منھنجي روزمرہ جي زندگي ۾ ڪو گھڻو فَرق نہ آيو، مونکي ياد نہ ٿو اچي تہ مان ڪڏھن ان ڳالھ کان حيران يا پريشان ٿيو ھُجان تہ خدا موجود ناھي، منھنجو خيال ھو تہ اھا ھِڪ ڪھاڻي ھئي جيڪا مونکي ٻڌائي وئي ۽ جنھن تي ماڻھن جو ايمان ھو، منھنجي لاءِ اھِا ڪھاڻي ڪُوڙي ھئي ڇو تہ منھنجو خاندان ايمان وارو گھراڻو ھو ان لاءِ منھنجو مُلحدن سان ڪو واسطو نہ ھو- سيمون دي بود: جڏھن تُون جوان ٿَئين ۽ پيرس آئين تہ ڇا تُنھنجي دُھريت تي ڪو فرق آيو يا ان جون بنيادون ڪڏھن مُتزلزل ٿِيون ڇا ان ۾ مَضبوطي پيدا ٿي؟ سارتر: تون اھِو چئي سگھين ٿي تہ ان ۾ مضبوطي پيدا ٿي، ۽ نِزان سان گفتگو کان پوءِ منھنجي دُھريت حقيقت پسندي ۾ تبديل ٿي وئي- شروع ۾ جڏھن مون خدا جي وِجود جو انڪار ڪيو تہ ايئن لڳو تہ جيئن ھڪ روحاني خلاء پيدا ٿي ويو ھُجي، اھِو ھڪ خيالي تَجربو ھو، جنھن جو حقيقي دنيا گھٽين، بازارن، ماڻھن سان ڪو تعلق نہ ھو پر آھستہ آھستہ نِزان سان ڊگِھي گفتگو ۽ پنھنجي سوچ ويچار کان پوءِ منھنجي ذھن ۾ منھنجي زندگي ۽ ماحول جو نئون تصور ۽ نظريو اُڀريو منھنجي ذِھن مان ان خدا جو تصور جنھن سان منھنجي بھشت ۾ ملاقات ٿيندي- ھميشہ لاءِ خَتم ٿي ويو، مونکي ھر شيءَ نظر اچڻ لڳي ۽ انسان تَنھا نَظر اچڻ لڳو تَنھا پر يقيني. سيمون دي بود: تُون ھڪڙي جڳھ تي چيو ھو تہ دھريت کي قبول ڪرڻ لاءِ توکي گھڻي محنت ڪرڻي پئي ھئي ان مان تنھنجو ڇا مطلب ھو؟ سارتر: دُھريت جي ھڪ خيالي ۽ مثالي تصور مان عَملي ۽ مادي تصور جو سَفر گھڻو ڊِگھو ۽ ٿَڪائيندڙ ھو ڪنھن جي نہ ھجڻ سان ھن دنيا جي موجود ھجڻ جو تجربو- ان موجوديت جو نَئون احساس ۽ ايمان جنھن جي لاءِ ڪنھن اِلھامي طاقت جي ضرورت ناھي. ھڪ ڊِگھو تجربو ھو- اھِا الڳ ڳالھ آھي تہ ان مادي ۾ (آفاقيت) عالمگيريت موجود رھندي آھي. سيمون دي بود: ڇا تنھنجو مطلب آھي تہ جيڪڏھن انسان خدا تي ايمان نہ آڻي پوءِ بہ ھو دنيا ۽ زندگي جي باري ۾ ھڪ نظريو رکندو آھي.؟ سارتر: جيڪڏھن ڪو شَخص خُدا تي ايمان نہ ٿو آڻي پوءِ بہ خدا جو تصور ان جي شخصيت جو حِصو رھي سگھي ٿو جنھن سان ھو دنيا کي ڏِسي سگھي ٿو ۽ ان ۾ عالمگيريت تلاش ڪري سگھي ٿو- سيمون دي بود: مثال جي طور تي ڪيئن؟ سارتر: اھِو تجربو ھر شخص لاءِ الڳ آھي. سيمون دي بود: تُنھنجي لاءِ ذاتي طور تي ڪيئن رھيو؟ سارتر: جيتري تائين منھنجو ذاتي تعلق آھي مان پنھنجو پاڻ کي ھڪ مٽي جو ڍير نہ ٿو سمجھان- مونکي ڪنھن سوچو ھوندو ۽ سَڏيو ھوندو ۽ جڏھن مان انھن خطن تي سوچيندو آھيان تہ منھنجو ذھن خدا جي طرف ھليو ويندو آھي. ھي خيال منھنجي ڪافي ٻين خيالن جي نفي ڪري ٿو پر منھنجي ذھن ۾ ڦرندو رھندو آھي ۽ ڪافي دفعا (مبھم) شڪي رھندو آھي- سيمون دي بود: تنھنجي نظر ۾ خدا تي ايمان نہ آڻڻ سان توکي ڪيترو فائدو مِليو؟ سارتر: خدا تي ايمان نہ آڻڻ سان منھنجي آزادي مضبوط ۽ قائم ٿي وئي، مان پنھنجي ذات کي بھتر طور تي سڃاڻي سگھيو آھيان- اھِو منھنجي زندگي لاءِ ڪافي اھم ھو، ان تصور سان منھنجا تعلقات ٻين ماڻھن سان بہ (براہ راست) سِڌي طرح ٿي ويا آھن- انسان جو ٻئي انسان سان رشتو خدا جي بغير آھي، مونکي پنھنجي پاڙي واري سان محبت ڪرڻ لاءِ خدا جي ضرورت ڪونھي. مان پاڻ پنھنجي زندگي نئين انداز سان جانچي آھي، مان پنھنجي زندگي مان شَرمندو ناھيان- مان ڄاڻا ٿو تہ منھنجي زندگي جو گھڻو حصو ناھي رھيو، پر مان ڄاڻان ٿو تہ مان خدا جو قرضي ناھيان، مان جڏھن پنھنجي ماضي جي زندگي تي نظر ڊوڙائيندو آھيان تہ مونکي سُڪون ۽ اطمنانيت جو احساس ٿيندو آھي. جڏھن انسان اھڙن ماڻھن سان زندگي گذاري ۽ ويجھو رھي جيڪي خدا تي ايمان رکن ٿا تہ خدا جو احساس بلڪل ئي ختم ٿي ويندو آھي- مثال جي طور تي تون ۽ مان ھڪ ٻئي کي گھڻي عرصي کان سڃاڻون ٿا- پاڻ ٻنھي ان موضوع تي گھڻي گفتگو ناھي ڪئي- سيمون دي بود: نہ ڪڏھن بہ نہ. سارتر: ان جي باوجود اسين زندہ رھياسين، ھڪ ٻئي کي ۽ پنھنجي ماحول کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جيترو ممڪن ٿي سگھيو ان کان غير واجب رھياسين.

Comments